ubuntu-l10n-sd team mailing list archive
-
ubuntu-l10n-sd team
-
Mailing list archive
-
Message #00037
همت مردان مدد خدا
پيارا دوستو،
ان کي ٻه چار ڏينهن ئي ٿيا هوندا جو مون توهان سان ذڪر ڪيو هو ته سنڌي جا 800
کن لفظ ترجمو ٿيا آهن.
اڄ اهو انگ وڌي 1400 ٿي ويو آهي. مان توهان سڀني دوستن جو ٿورائتو آهيان،
خصوصًا نظاماڻي صاحب جو، جن همت سان هن ڪم کي هٿ ۾ کنيو آهي.
آس اٿم ته اهڙي ۽ ان کان به وڌ جذبي سان ڪم ڪندي هن پراجيڪٽ کي پايئه تڪميل تي
رسائڻ لاءِ ڪوشش ڪندا رهندو. اسان جو ڪم آهي ڪوشش کان نه ڪيٻائڻ، پار لڳائڻ،
منزل تي رسائڻ هميشه ڌڻي جي هٿ ۾ آهي ۽ اهو ئي رسائيندو.
--
Abdul-Majid Bhurgri
www.bhurgri.com