← Back to team overview

ubuntu-l10n-sd team mailing list archive

Re: Last 2 Weeks

 


آءٌ هي لائينون ڀرڳڙي صاحب جي ٿوري مڃڻ لاءِ لکي رهيو آهيان جنهن مونکي نه رڳو همٿايو پرنهايت ئي برداشت سان فون تي اڌ ڪلاڪ کان مٿي ٽائيم ڏئي سنڌي فونٽ ڊائونلاڊ ڪرايائين۔ ان کانپوء جڏهن مون پهرين ايميل سنڌي ۾ لکي ته منهنجي خوشئ جي ڪا حد نه هئي۔ هاڻي هتي ڪجھ لفظن جا ترجما به ڪيا اٿم پنهنجي سمجھ مطابق ۽ سانا ڪنوينشن لاء نڪرندڙ سووينيئر لاء سنڌئ ۾ مضمون به لکيو اٿم۔ اڳي آءٌ پنهنجي لاء اهي ڳالهيون اڻٿيڻيون سمجهندو هئس۔ مهربانيون سائين!

تعارف:

اصل سانگهڙ، ميرپورخاص (پراڻو ٿرپارڪر) سان تعلق اٿم
ٻهراڙئ جي اسڪول مان پرائمري ڪيم
ميرپورخاص مان مئٽرڪ، انٽر ۽ بي اي ڪيم
بعد ۾ سنڌ يونيورسٽئ مان انگريزي ادب ۾ ايم اي ڪيم 
صحافت سان تعلق رهيو۔ اخبار، ريڊئي ۽ ٽي وئ ۾ نوڪري ڪيم
1970 جي شروعات ۾ سنڌي ڪتابن جي ڇپائي لاء پبلشنگ هائوس کوليم
گذريل ڪافي وقت کان اميريڪا ۾ آهيان ۽ هتي سانا تعلق اٿم

ايندڙ ٻه ٽي هفتا سانا جي سالياني ڪنوينشن جي ڪري نهايت مصروفيت هوندي. انکانپوء وري توهان سان هن ڪم ۾ شريڪ هوندس۔

اها آهي ننڍڙي ڪهاڻي

 شال ساٿ جُڙيو رهي!

ٻيڙا ئي پار


--- On Mon, 6/21/10, Abdul-Majid Bhurgri <majidbhurgri@xxxxxxxxx> wrote:

From: Abdul-Majid Bhurgri <majidbhurgri@xxxxxxxxx>
Subject: [Ubuntu-l10n-sd] Last 2 Weeks
To: ubuntu-l10n-sd@xxxxxxxxxxxxxxxxxxx
Date: Monday, June 21, 2010, 2:17 AM

پيارا دوستو،

ٻه هفتا ئي ته ٿيا آهن جو اسان گڏ ٿياسين، هن عزم سان ته سنڌي ڪمپيوٽر آپريٽنگ سسٽم جي خواب کي حقيقت بڻائينداسي.

ان عرصي ۾ ميمبرن جو انگ ٻن مان وڌي ستاويهه ٿيو. انهي ئي ڏينهن ۾ 45 کن پيغامن جي هن اي ميل لسٽ تي ڏي وٺ به ٿي. انهن ٻن هفتن ۾  ڪمپيوٽر سان لاڳاپيل هزار کان وڌيڪ لفظن ۽ محاورن جو سنڌي ۾ ترجمو به ٿيو.


بس، مان ايترو ئي چوندس ته ان جذبي کي اجاريل رکو. اسان مان هر ڪو ڪمپيوٽر يا ٻولي جو ماهر نه هوندو. ڪم ڪرڻ جي صلاحيت ۽ فرصت به هر ڪنهن وٽ هڪ جهڙي يا هڪ جيتري ڪانه هوندي. اسان مان ڪي گھڻو ڪجھه ڪري سگھڻ جي اهليت رکندا هوندا ته ڪي گھٽ. اهم ڳالهه اها آهي ته جيڪو جيترو ڪري ٿو سگھي ڪري، پوءِ چاهي اهو ترجمو ڪرڻ هجي، يا ترجمي ۾ تصحيح ڪرڻ هجي، صلاح ڏيڻ هجي يا ٻيو نه ته همٿ وڌائڻ لاءِ پيار ۽ پاٻوه مان ٻوليل ٻه لفظ ئي کڻي هجن. اهو ئي ته ٿيندو آهي ٽيم ورڪ.


اچو ته اهو عزم ورجايون ته لاٽ ٻاريل رکنداسون، مقصد حاصل ڪرڻ تائين.

توهان جو سڪ وچان

عبدالماجد ڀرڳڙي‏


Dear friends,



It has not been very long time that we got together and formed this team
 to achieve the objective of a Sindhi OS. This all started only a 
fortnight ago. 



In these two weeks, the membership grew from 2 to 27.



During these fourteen days about 45 messages have been exchanged, 
discussing the issues, introducing ourselves and making suggestions and 
so forth.



In this period about a thousand translations have also been made.



I would just say this, please keep the interest alive, keep up the good 
work. We need you all. Some of us can do more, some of us can do a 
little, but let each one of us contribute in some way. Translation of a 
term or phrase, a suggestion, an improvisation and even a word of 
encouragement and sharing will do.



Let us resolve to keep the spirit alive, till we have attained the goal.



Yours truly,

Abdul-Majid Bhurgri
www.bhurgri.com


-----Inline Attachment Follows-----

_______________________________________________
Mailing list: https://launchpad.net/~ubuntu-l10n-sd
Post to     : ubuntu-l10n-sd@xxxxxxxxxxxxxxxxxxx
Unsubscribe : https://launchpad.net/~ubuntu-l10n-sd
More help   : https://help.launchpad.net/ListHelp

References