← Back to team overview

ubuntu-l10n-sd team mailing list archive

سنڌي اوبنٽو

 

محترم سنڌي دوستو ۽ ڀائرو

تمام خوشي جهڙي ڳالھ آهي ته اوبنٽو ۾ هاڻي سنڌي ڪيبورڊ شامل ٿي چڪو آهي. تنهنڪري اوهان کي اوبنٽو ۾ سنڌي سافٽويئر الڳ سان انسٽال ڪرڻ جي ضرورت ناهي. بلڪ انسٽال ڪرڻ دوران ئي اوهان سنڌي ڪيبورڊ استعمال ڪري سگهو ٿا.

ان سان گڏ اوبنٽو ۾ سنڌي لوڪيل پڻ شامل ٿي چڪو آهي، جنهن جي ڪري اوهان اوبنٽو جون ترتيبون سنڌي ۾ ڪري سگهو ٿا. لوڪيل جو شامل ٿيڻ هڪ وڏي ڪاميابي آهي، جو اوبنٽو اندر ٻوليءَ جون سڀ ترتيبون لوڪيل سان ڳانڍاپيل هونديون آهن. سنڌي لوڪيل چونڊڻ سان باقي سموري سسٽم کي اها خبر پوندي ته ٻوليءَ سان لاڳاپيل ترتيبون ڪهڙيون رکڻيون آهن.

هن وقت ضرورت ان ڳالھ جي آهي ته اوبنٽو سنڌي ۾ انسٽال ڪري سگهجي. ان سلسلي ۾ مون هڪ تجربو ڪيو ۽ اوبنٽو جي انسٽاليشن سي ڊي ۾ تبديليون ڪري سنڌيءَ کي اوبنٽو انسٽالر ۾ شامل ڪري ڇڏيو. جيڪڏهن ڪو ڪمپيوٽر جو ماهر دوست اهڙي سي ڊي آزمائڻ ۽ ٽيسٽ ڪرڻ چاهي ته اطلاع ڏئي.

اوبنٽو جو انسٽالر اصل ۾ ڊيبيان انسٽالر آهي جيڪو ڊيبيان سسٽم جو حصو آهي. ان سلسلي ۾ مون ڊيبيان انسٽالر جي لوڪيلائزيشن ٽيم سان رابطو ڪيو آهي ته جيئن سنڌيءَ کي اسٽينڊرڊ انسٽالر ۾ شامل ڪيو وڃي ته جيئن اوبنٽو سي ڊي ۾ هٿرادو تبديليون ڪرڻيون نه پون. اميد ته اها منزل پڻ حاصل ٿيندي.

اوهان دوستن کي گذارش آهي ته ڪوشش ڪري اوبنٽو کي ترجمو ڪرڻ جو ڪم ٻيهر شروع ڪندا ته جيئن وڌ کان وڌ سسٽم سنڌيءَ ۾ ترجمو ٿي وڃي ۽ سنڌي لوڪ ان کي استعمال ڪري سگهي. ان لاءِ هيٺيون لنڪ استعمال ڪندا جنهن ۾ اوبنٽو جي ايندڙ ورشن 12.04 جون فائلون آهن، جيڪو اپريل 2012 ۾ ريليز ٿيندو.
https://translations.launchpad.net/ubuntu/precise/+lang/sd


عبدالرحيم نظاماڻي



Follow ups