← Back to team overview

ubuntu-l10n-sd team mailing list archive

Welcome To Sindhi OS Translation Team

 

پيارا دوستو،‏

هن پروجيڪٽ جي باري ۾ دوستن کي اطلاع ڏيڻ جي چوويهن ڪلاڪن اندر ٻن مان وڌي
ٻارنهن ميمبر ٿي ويا آهيون. مقصد انگ وڌائڻ ڪونهي، پر گڏ ٿي هن ڪم کي اڳتي
وڌائڻ آهي.

منهنجي هي، هن ميلنگ لسٽ تي، پهريون سنيهو آهي. جڏهن ٻه ميمبر هئاسي ته پاڻ ۾
سڌي طرح رابطو رکندا هئاسين، هاڻي مون سوچيو پئي ته ڪجھه نوان دوست شامل ٿين ته
مان هن ميلنگ لسٽ کي استعمال ڪندي هن ڪم جي باري ۾ ٻه اکر لکان.

پر اهو هڪ اتفاق چئو يا ٻيو ڪجھه، پر هن ميلنگ لسٽ تي پهريون پيغام دوست نثار
ابڙي جو لکجي آيو! ان پيغام جي اها اهم خصوصيت هئي ته اهو ”سلام مڪي پاڪ کان“
جي عنوان سان، ابڙي صاحب مڪي مڪرمه مان ئي موڪليو هو. منهنجي لاءِ ان جي هڪڙي
بيحد اهم علامتي معنىٰ به هئي. مڪو پاڪ اها مقدس سرزمين آهي جتي دنيا جي قديم
ترين زنده مذهبي ۽ مقدس جاءِ ڪعبةالله شريف واقع آهي پر ان کان به وڌيڪ اها
ڳالهه ته اتان رحمةللعالمين ۽ شفيع المذنبين نبي سڳوري صلى الله عليه و آله
وسلم چوڏهن سؤ سال اڳ اهو الاهي پيغام ڏنو ۽ اهو الاهي مشن شروع ڪيو جنهن جي
نتيجي ۾ پوري بني نوع انسان بالآخر شيطان ۽ نفس جي دولاب ۽ ننڊ مان آجي ٿي
پنهنجي رب ۽ پنهنجي حقيقت کي سڃاڻيندي. ان الاهي مشن جي آڏو، جيڪو انسان جي
حقيقت، ان جي اصل ۽ ان جي منزل سان تعلق رکي ٿو، دنيا جا ٻيا جيڪي به مشن آهن
ڪا به معنىٰ پنهنجي حيثيت ۾ ڪونه ٿا رکين. اهي ٻيون سڀ شيون ان حد تائين ڪارآمد
آهن، جيتري حد تائين اسان کي پنهنجي زندگي جي ازلي مقصد جي ويجھو ڪن ٿيون.
مختصر مثال هي ته، جيڪڏهن اسان انهن وسيلي پنهنجي انا، پنهنجي خودغرضي ۽ ٻين
سفلي خواهشن مان آجا ٿيا سي ته کٽيو سي، پر جي انهن ۾ وڌيڪ اڙجي وياسي ته وڃايو
سي. هي سڀ دنياوي معاملات، بظاهر ڪجھه به نظرجن، حقيقت ۾ وسيلا آهن انسان لاءِ
پنهنجي حقيقت کي سڃاڻڻ لاءِ ۽ سمجھڻ لاءِ. نبي صلعم جن، جيڪي رحمةللعالمين آهن،
انهن جي محبت ۽ رحمت عالمگير آهن، هر انسان لاءِ آهن، ۽ انهن لاءِ ڪنهن به طرح
سان گھٽ ڪونهن جيڪي وقتي طور پنهنجي حقيقت وساري ويٺا آهيون. جهڙي طرح الله جي
ربوبيت عالمگير آهي، اهڙي طرح ان جي رحمت به عالمگير آهي ۽ هر شئي تي محيط آهي.
اسان مان اهي جيڪي مسلمان ٿا سڏرايون، تن کي اها حقيقت نه وسارڻ گھرجي ته پاڻ
سڳورن عالمگير محبت جو درس ڏنو ۽ سندن ذات ان جو مثالِ مطلق آهي. نبي صلعم جن
جي سنت آهي عالمگير رحمت ۽ محبت، اسان انهيءَ بنيادي پيغام کي، پنهنجي خودساخته
’اسلام‘ جي نالي ۾، پس پشت سٽي قربان ڪري، نفرت ۽ زحمت جا لبادا پهري، جيڪو
ڪجھه به ڪنداسي ان کي بظاهر ڪجھه به سڏيون پر درحقيقت اها اسلام جي آڙ نبي صلعم
جي مشن جي مخالفت آهي ۽ ٻيو ڪجھه به نه. ڌڻي اسان کي نفس ۽ شيطان جي مڪرن ۽
آفتن کان امان ۾ رکي.

ميلنگ لسٽ جي هڪڙي اوڻائي اها آهي ته ان تي موڪليل پيغامن تائين بعد ۾ شامل
ٿيندڙ ميمبرن جي رسائي ڪانه ٿي ٿئي. ان ڪري مونکي احساس ٿيو ته ميلنگ لسٽ جي
بجائي هڪ فورم هجڻ گھرجي جتي ميمبر پنهنجا رايا ونڊين ۽ باهمي صلاح مشورت سان
هن پروجيڪٽ کي احسن طريقي سان اڳتي وڌائين.

منهنجو اُبنٽو لِنِڪس جو تجربو بيحد محدود آهي. مون صرف مهينو کن اڳ هن کي
استعمال ڪرڻ شروع ڪيو ۽ ڪنهن کي ان ڏس ۾ مدد ڪرڻ جي ڪوشش ڪيم جتان اهو سلسلو
شروع ٿيو. اسان سان هن ٽيم ۾ عبدالرحيم نظاماڻي، احسان احمد عرساڻي ۽ نثار احمد
شامل آهن جن کي لنڪس جي استعمال جي ڄاڻ آهي. عبدالرحيم ڪافي ورهيه اڳ ريڊهيٽ
لنڪس لاءِ سنڌي ڪيبورڊ ترتيب ڏنو هو، جنهن جي ئي بنياد تي مون هينئر اُبنٽو
لاءِ سنڌي انسٽالر ٺاهيو آهي. تازو هن ڪافي نوان ترجما سسٽم لاءِ ڪيا آهن.
احسان احمد اڄ کان چار ورهيه اڳ اُبنٽو جي سنڌي ٽرانسليشن جو ڪم هٿ ۾ کنيو هو ۽
شروعاتي دور ۾ ڪيل ٽرانسليشن سندس محنت جو نتيجو آهي. مان چاهيندس ته اهي ڄاڻ
رکندڙ دوست پنهنجون صلاحيتون ڀرپور طرح سان هن ڪم کي اڳتي وڌائڻ لاءِ استعمال
ڪن.

هي هڪڙو هلندڙ سلسلو هوندو، جنهن ۾ ڪيل ڪم جا نتيجا وقت بوقت اسان کي نظر ايندا
ته ڪيئن سسٽم آهستي آهستي سنڌي لاءِ موزون ٿيندو ٿو وڃي. هزارين لفظ، عبارتون ۽
جملا انگريزي مان ترجمون ڪرڻا آهن. پر اهو ڪو ناممڪن ڪم ڪونهي، هرگز نه. توهان
اهو سوچيو ته هي پورو آپريٽنگ سسٽم ڪنهن ڪاروباري اداري جو ٺاهيل ڪونهي پر ڪجهه
شخصن جو ٺاهيل آهي جن گڏجي ڪم ڪيو، ٻين کي شامل ٿيڻ جي ڪوٺ ڏنائون، ڪم مڪمل
ڪيائون ۽ ان کي بهتر کان بهتر بڻائڻ جون مشترڪه ڪوششون جاري رکيائون جنهن لاءِ
هڪڙو کليل پليٽفارم ٺاهيو ويو. اهو ڪم ته بيحد اڻائو هو، جيڪو انهن ڪيو، اسان
کي ته رڳو اسڪرين تي نظر ايندڙ لفظن وغيره جو ترجمو ڪرڻو آهي، ڪا پروگرامنگ يا
ڪو ٽيڪنيڪل ڪم ڪونهي ڪرڻو. اهو نسبتًا سؤلو ڪم آهي رڳو ان لاءِ کپي ڪوآرڊينيشن
۽ ارادو. جيڪڏهن اسان پنهنجن ڪوششن کي هم آهنگ ڪيو، ۽ ارادي جي مظبوطي، جنهن کي
انگريزي ۾ پرسيورنس به چوندا آهن، ڏيکاري ته هي ڪم يقينًا اڳتي وڌندو ۽ پايه
تڪميل کي رسندو، انشاالله.

هيٺين لنڪ آهي جتي توهان کي جيڪي به ترجمون ٿيڻ واريون ٽيمپليٽز يا تختيون آهن
انهن جي لسٽ ۽ جيڪو ڪم ٿيو آهي ان جا انگ اکر ملندا. کاٻي پاسي واري ڪالم ۾
ٽيمپليٽ يا تختي جو نالو آهي جنهن تي مائوز دٻائيندو ته ان جو صفحو کلندو جتي
ٿيل ۽ نه ٿيل ڪمن جو تفصيل هوندو. لفظن ذريعي سمجھائڻ ۾ وڌيڪ وقت لڳندو، توهان
پاڻ ڏسندو ته سولائي سان ڪم کي سمجھي ويندو.

سنڌي ترجمي واري صفحي جي
لنڪ<https://translations.launchpad.net/ubuntu/lucid/+lang/sd>

ترجمو ڪيئن ٿيڻ گھرجي، وڌ ۾ وڌ نتيجو ڪيئن هٿ ڪجي، ڪم جي ڊپليڪيشن کان ڪيئن
بچجي، ڪم ڪيئن ورهائجي، ان لاءِ اسان کي پاڻ ۾ صلاح مشورو ڪرڻو پوندو. تنهن
لاءِ مان وري دوستن کي عرض ڪندس ته ميلنگ لسٽ جي بجائي فورم وڌيڪ موزون
پليٽفارم رهندو، تنهن باري ۾ پنهنجا خيالات ونڊيندا.

ٻي اها ڳالهه ته اسان سڀ ميمبر سنڌي ۽ انگريزي ٻنهي مان واقف آهيون. پيغام
موڪلڻ ۽ پوسٽنگ ڪرڻ لاءِ ڪنهن به ٻولي جي استعمال ڪرڻ ۾ ڪو حرج نه سمجھو. ڪي
دوست ڪا ڳالهه، پنهنجي تعليمي ۽ عملي زندگي جي پسمنظر جي ڪري، ڪنهن ٻوليءَ ۾
ادا ڪرڻ وڌيڪ سولي سمجھندا آهن، کين اها ئي استعمال ڪرڻ گھرجي. ٻوليءَ لاءِ
اسان سڀني جي حب ۾ ڪو شڪ ڪونهي، ورنه اسان اڄ هتي گڏ نه ٿيون ها، ۽ نه ئي اسان
مان ڪنهن کي ان لاءِ ثابتي ڏيڻ جي ضرورت آهي. هتي خيالات جي ڏي وٺ لاءِ هر دوست
اها ٻولي استعمال ڪري جنهن ۾ هو سمجھي ٿو ته پنهنجا خيالات ۽ سوچ اثرائتي ۽
واضح انداز ۾ لفظن جي روپ ۾ آڻي ٻين تائين پهچائي سگھي ٿو.‏

Let us be functional, effective and efficient, without being unnecessarily
emotional or dogmatic.

مان توهان سڀني دوستن کي هڪ ڀيرو ٻيهر ڀليڪار چوان ٿو. هي توهان جو پروجيڪٽ
آهي، اسان سڀني سنڌين جو پراجيڪٽ آهي. اچو ته ان لاءِ گڏجي وک کڻون، ماڳ تي ڌڻي
رسائيندو.

سڪ وچان اوهان جو،

عبدالماجد ڀرڳڙي.‏
www.bhurgri.com

Follow ups