← Back to team overview

ubuntu-l10n-sd team mailing list archive

Re: Let us Introduce Ourselves تعارف ڪرايو

 

I am Munawar Soomro, belong to Shikarpur, did masters in CS from QAU
Islamabad and been in USA for about 10 years working as software developer.

regards

2010/6/10 Abdul-Majid Bhurgri <majidbhurgri@xxxxxxxxx>

> مون درخواست ڪئي هئي ته هر دوست پنهنجو تعارف ڪرائي۔ اهي چند مختصر سِٽون به
> ٿي سگهن ٿيون، جنهن ۾ توهان پنهنجي باري ۾ ڪجهه معلومات باقي دوستن سان ونڊيو،
> ڪمپيوٽر جي ڄاڻ ۽‌ تجربو، گهڻو يا ٿورو جيڪو به آهي، ان جي باري ۾ ڪجهه لکو،
> وغيره، ته جيئن اسان سڀ هڪ ٻئي سا بهتر رابطو رکي سگهون۔
>
> ابتدا مان ئي ٿو ڪيان۔
>
> منهنجو نالو عبدالماجد ڀرڳڙي آهي۔ شهدادڪوٽ کان ڏه ميل پري هڪڙي ننڍڙي ڳوٺ ۾
> 1948 ۾ ڄائو هوس۔ ننڍپڻ ۽‌ تعليم وارو عرصو لاڙڪاڻي ۾ گذريو جتي منهنجي والد
> صاحب، عبدالغفور ڀرڳڙي، پنهنجي وڪالت جي ابتدا ڪئي۔
>
> پوين ويهن ورهين کان رهائش آمريڪا جي شهر سياٽل ۾ اٿم۔
>
> 1983 ۾ پهريون ڀيرو ڪمپيوٽر استعمال ڪيم جڏهن يونيورسٽي آف ايريزونا مان ايم
> بي اي ڪيم پئي۔ 1987 ۾ مئڪنٽوش استعمال ڪيم جنهن تي پهريون سنڌي ڊيسڪ ٽاپ
> پبلشنگ ۽ ٽائپسيٽنگ سسٽم وغيره 1988 ۾ ٺاهيم۔
>
> 2000 ۾ ونڊوز تي پهريون ڀيرو يونيڪوڊ جي بين الاقوامي اسٽينڊرڊ جي آڌار تي
> سنڌي ڪمپيوٽنگ جو بنياد وڌم۔ پوين ٽيويهن ورهين ۾ پنهنجي وس ۽ وت آهر مڙيوئي
> پئي ڪوشش ڪئي اٿم ته ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجي کي سنڌي لاءِ قابل استعمال بڻائي، سنڌي
> جي ڪمپيوٽر ۽ انٽرنيٽ تي استعمال کي ترويج ڏيان ۽‌ ترقي وٺرايان۔
>
> ٻه مهينا اڳ تائين مون کي لنِڪس جي استعمال جو ڪو تجربو ڪونه هو۔ ڪنهن مون کان
> مدد گهري ته اُبنٽو لنِڪس تي سنڌي ڪينئن استعمال ڪجي۔ مون کيس صلاح ڏني تي
> منهنجي ويبسائيٽ تان لنِڪس وارو انسٽالر، جيڪو ڪجهه ورهيه اڳ عبدالرحيم نظاماڻي
> ريڊ هيٽ لاءِ ٺاهيو هو، تنهن کي استعمال ڪري ڏسي۔ پر جينئن ته مون اهو پاڻ
> استعمال ڪونه ڪيو هو، مون کي ان جي باري ۾ ڪا ڄاڻ ڪانه هئي۔
>
> ڳالهه آئي وئي ٿي وئي، پر قدرت جي ان ۾ به ڪامصلحت هئي۔ ڪجهه ڏينهن کان پوءِ
> ڪٿي اُبنٽو جي باري ۾ پڙهيم۔ ذهن ۾ اهو سوال هو جنهن جي باري  ۾ مون کان پڇيو
> ويو هو۔ سوچيم ته انسٽال ڪري ڏسان ۽ ٿي سگهي ته جنهن مون کان مدد گهري آهي ان
> لاءِ ڪجهه ڪيان۔ اينئن اپريل جي آخري هفتي ۾ پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ ونڊوز سان گڏ
> اُبنٽو به انسٽال ڪيم۔ نظاماڻي واري انسٽالر ڪم نه پئي ڪيو، سو مون نئون
> انسٽالر ٺاهي ان مهربان ڏانهن موڪليو جنهن کي قدرت منهنجي هٿان هي ڪم ڪرائڻ
> لاءِ مون کان سوال ڪرايو۔ اهڙي ريت هي لنِڪس کي سنڌي ۾ آڻڻ جي ڪم جو، اينئن کڻي
> چئجي ته، اڻڄاڻائي ۾ بنياد پيو۔ قدرت جا طريقا نرالا ۽ ‌انسان جي سمجهه کان
> بيشڪ مٿي آهن۔
>
> _______________________________________________
> Mailing list: https://launchpad.net/~ubuntu-l10n-sd
> Post to     : ubuntu-l10n-sd@xxxxxxxxxxxxxxxxxxx
> Unsubscribe : https://launchpad.net/~ubuntu-l10n-sd
> More help   : https://help.launchpad.net/ListHelp
>
>

References