← Back to team overview

ubuntu-l10n-sd team mailing list archive

Fw: Re: Let us Introduce Ourselves تعارف ڪرايو

 

آئون عبدالعزيز منڱريو. سائين عبدالماجد ڀرڳڙي صاحب جن جو ٿورائتو آهيان جن جي عملي ڪمن کان متاثر ٿي مونکي سنڌي ڪمپيوٽنگ ۽ ٻولي جي لاءِ پاڻ پتورڻ جو شوق پعدا ٿيو، انهيءَ کي وڌائيندي مون 2005 ۾ پهريون ڀيرو ڪجهه 10 عدد سنڌي جا فانٽ جوڙيان بعد ۾ ڪجهه دوستن کي انهيءَ ڪم ڪرڻ جي لاءِ ٻڌايم جن جي مدد سان هيئر ٻوليءَ جا سوين فانٽ موجود آهن، منهنجو ڪو خاص تعارف ناهي بس تعليم BSIT سان گڏ ڪيترائي شارٽ ڪورسز وغيره آهن نوڪري هيئر  سعودي عرب ۾ پروگرامر جي ڪريان پيو، ان کان سواءِ سنڌي ڪمپيوٽنگ جي دوستن کي گڏ ڪرڻ ۽ جيڪا معلومات ملي اها ڦيلائڻ منهنجو مقصد
 آهي، سائين ماجد صاحب سان هر موڙ تي گڏ هونداسين ۽ انهيءَ ڪم کي وڌائيندا رهداسين.. آمين


Abdul Aziz Mangrio
Computer Programmer
Ministry of Interior
Kingdom of Saudi Arabia
Email: aziz@xxxxxxxx
azizvbn@xxxxxxxxx 

 
 
--- On Fri, 11/6/10, munwar soomro <munwarsoomro@xxxxxxxxx> wrote:


From: munwar soomro <munwarsoomro@xxxxxxxxx>
Subject: Re: [Ubuntu-l10n-sd] Let us Introduce Ourselves تعارف ڪرايو
To: ubuntu-l10n-sd@xxxxxxxxxxxxxxxxxxx
Date: Friday, 11 June, 2010, 6:12 AM



I am Munawar Soomro, belong to Shikarpur, did masters in CS from QAU Islamabad and been in USA for about 10 years working as software developer.
 
regards


2010/6/10 Abdul-Majid Bhurgri <majidbhurgri@xxxxxxxxx>


مون درخواست ڪئي هئي ته هر دوست پنهنجو تعارف ڪرائي۔ اهي چند مختصر سِٽون به ٿي سگهن ٿيون، جنهن ۾ توهان پنهنجي باري ۾ ڪجهه معلومات باقي دوستن سان ونڊيو، ڪمپيوٽر جي ڄاڻ ۽‌ تجربو، گهڻو يا ٿورو جيڪو به آهي، ان جي باري ۾ ڪجهه لکو، وغيره، ته جيئن اسان سڀ هڪ ٻئي سا بهتر رابطو رکي سگهون۔

ابتدا مان ئي ٿو ڪيان۔

منهنجو نالو عبدالماجد ڀرڳڙي آهي۔ شهدادڪوٽ کان ڏه ميل پري هڪڙي ننڍڙي ڳوٺ ۾ 1948 ۾ ڄائو هوس۔ ننڍپڻ ۽‌ تعليم وارو عرصو لاڙڪاڻي ۾ گذريو جتي منهنجي والد صاحب، عبدالغفور ڀرڳڙي، پنهنجي وڪالت جي ابتدا ڪئي۔

پوين ويهن ورهين کان رهائش آمريڪا جي شهر سياٽل ۾ اٿم۔

1983 ۾ پهريون ڀيرو ڪمپيوٽر استعمال ڪيم جڏهن يونيورسٽي آف ايريزونا مان ايم بي اي ڪيم پئي۔ 1987 ۾ مئڪنٽوش استعمال ڪيم جنهن تي پهريون سنڌي ڊيسڪ ٽاپ پبلشنگ ۽ ٽائپسيٽنگ سسٽم وغيره 1988 ۾ ٺاهيم۔

2000 ۾ ونڊوز تي پهريون ڀيرو يونيڪوڊ جي بين الاقوامي اسٽينڊرڊ جي آڌار تي سنڌي ڪمپيوٽنگ جو بنياد وڌم۔ پوين ٽيويهن ورهين ۾ پنهنجي وس ۽ وت آهر مڙيوئي پئي ڪوشش ڪئي اٿم ته ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجي کي سنڌي لاءِ قابل استعمال بڻائي، سنڌي جي ڪمپيوٽر ۽ انٽرنيٽ تي استعمال کي ترويج ڏيان ۽‌ ترقي وٺرايان۔

ٻه مهينا اڳ تائين مون کي لنِڪس جي استعمال جو ڪو تجربو ڪونه هو۔ ڪنهن مون کان مدد گهري ته اُبنٽو لنِڪس تي سنڌي ڪينئن استعمال ڪجي۔ مون کيس صلاح ڏني تي منهنجي ويبسائيٽ تان لنِڪس وارو انسٽالر، جيڪو ڪجهه ورهيه اڳ عبدالرحيم نظاماڻي ريڊ هيٽ لاءِ ٺاهيو هو، تنهن کي استعمال ڪري ڏسي۔ پر جينئن ته مون اهو پاڻ استعمال ڪونه ڪيو هو، مون کي ان جي باري ۾ ڪا ڄاڻ ڪانه هئي۔

ڳالهه آئي وئي ٿي وئي، پر قدرت جي ان ۾ به ڪامصلحت هئي۔ ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ڪٿي اُبنٽو جي باري ۾ پڙهيم۔ ذهن ۾ اهو سوال هو جنهن جي باري  ۾ مون کان پڇيو ويو هو۔ سوچيم ته انسٽال ڪري ڏسان ۽ ٿي سگهي ته جنهن مون کان مدد گهري آهي ان لاءِ ڪجهه ڪيان۔ اينئن اپريل جي آخري هفتي ۾ پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ ونڊوز سان گڏ اُبنٽو به انسٽال ڪيم۔ نظاماڻي واري انسٽالر ڪم نه پئي ڪيو، سو مون نئون انسٽالر ٺاهي ان مهربان ڏانهن موڪليو جنهن کي قدرت منهنجي هٿان هي ڪم ڪرائڻ لاءِ مون کان سوال ڪرايو۔ اهڙي ريت هي لنِڪس کي سنڌي ۾ آڻڻ جي ڪم جو، اينئن کڻي چئجي ته، اڻڄاڻائي ۾ بنياد
 پيو۔ قدرت جا طريقا نرالا ۽ ‌انسان جي سمجهه کان بيشڪ مٿي آهن۔ 



_______________________________________________
Mailing list: https://launchpad.net/~ubuntu-l10n-sd
Post to     : ubuntu-l10n-sd@xxxxxxxxxxxxxxxxxxx
Unsubscribe : https://launchpad.net/~ubuntu-l10n-sd
More help   : https://help.launchpad.net/ListHelp



-----Inline Attachment Follows-----


_______________________________________________
Mailing list: https://launchpad.net/~ubuntu-l10n-sd
Post to     : ubuntu-l10n-sd@xxxxxxxxxxxxxxxxxxx
Unsubscribe : https://launchpad.net/~ubuntu-l10n-sd
More help   : https://help.launchpad.net/ListHelp



Follow ups