← Back to team overview

ubuntu-l10n-sd team mailing list archive

Recent Translations & Need for some Basic Groundwork

 

پوين چند ڏينهن ۾ اسان جي دوستن منجھان عرساڻي صاحب، ابڙي صاحب ۽ نظاماڻي صاحب
ڪجھه نوان ترجما ڪيا آهن. مان توهان سڀني کي عرض ڪندس ته انهن تي نظر وجھو، ڏسو
ته اهي ڪينئن آهن، انهن کي اڃا بهتر ڪري سگھجي ٿو يا نه، وغيره. مثال طور ڪي
بنيادي لفظ آهن جيڪي بار بار مختلف هنڌن تي ورجايا وڃن ٿا، جيئن سسٽم. هاڻي ان
جي ترجمي لاءِ اسان وٽ مختلف رايا آهن. ڪي ان کي سرشتو، ته ڪي نظام ته ڪي خود
انگريزي لفظ سسٽم کي ئي ان لاءِ موزون سمجھندا. پر جينئن ته هي هڪ بنيادي لفظ
آهي جيڪو گھڻن ٻين هنڌن تي به استعمال ٿيندو، تنهن ڪري اهڙن لفظن جي ترجمي جي
باري ۾ جيترو جلدي اتفاق راءِ ٿئي اوترو بهتر رهندو. اهڙي طرح ئي ٻيا لفظ آهن
پروگرام، ڊسڪ، انسٽال وغيره. انسٽال لاءِ نثار ابڙي صاحب ترجمو تجويز ڪيو آهي
’ٿاڦيو‘، ان کان اڳ ۾ مون ڪٿي ان لاءِ ’تنسيب ڪيو‘ يا تنسيبيو‘ به پڙهيو هوم.
ڪي دوست شايد انسٽال کي وڌيڪ موزون سمجھن. اسان کي ڪوشش ڪري سنڌي متبادل لفظ
آڻڻ گھرجن پر اهي سولا ۽ عام فهم هجن ته بهتر رهندو. بهرحال، انهن بنيادي
معاملن تي اسان کي هاڻي ئي گڏجي غور ڪرڻو پوندو.

تنهنڪري مان توهان دوستن کي هڪ ڀيرو ٻيهر عرض ڪندس ته هن وقت تائين ٿيل ترجمن
تي نظر ڦيرايو، انهن جي مناسب هجڻ جي باري ۾ غور ڪيو، جيڪڏهن ان ۾ بهتري جي
صورت آهي ته اها تجويز ڪريو. ان طريقي سان توهان کي هن پراجيڪٽ جي باري ۾ آگاهي
به ٿي ويندي ۽ هن شروعاتي مرحلي ۾ ئي اسان آئيندي لاءِ ڪجھه بنيادي اصول به طئي
ڪرڻ ۾ ڪنهن حد تائين ڪاميابي حاصل ڪري وٺنداسي جيڪا اڳتي هلي ڪارآمد ثابت
ٿيندي. اميد آهي ته منهنجي عرض تي توهان غور ڪندو ۽ پراجيڪٽ ۾ عملي طرح ٻانهن
ٻيلي ٿيندو.

آخر ۾ مان اهو چوندس ته مان عرساڻي صاحب، ابڙي صاحب ۽ نظاماڻي صاحب جو انهن
تازن ترجمن ۽ تجويزن لاءِ ٿورائتو آهيان.‏


Abdul-Majid Bhurgri
www.bhurgri.com

Follow ups