← Back to team overview

ubuntu-l10n-sd team mailing list archive

Re: Recent Translations & Need for some Basic Groundwork

 

منهجو خيال آهي ته سسٽم جي لاءِ اهو ئي لفظ صحِيح آهي ڇوته ان جي پٺيان ڪافي
تاريخ ۽ سوچ آهي.
  پروگرام جي لاءِ جي لاءِ به اهو موزون ٿو لڳي ڇو ته سنڌي ۾ اڳ۾ ئي اهو هلي
پيو
ڊسڪ جي لاءِ جي لاءِ به ساڳئو لفظ مناسب لڳي ٿو
باقي انسٽال جي لاءِ  لڳايو ترجوم ٿي سگهي ٿو

2010/6/8 Abdul-Majid Bhurgri <majidbhurgri@xxxxxxxxx>

> پوين چند ڏينهن ۾ اسان جي دوستن منجھان عرساڻي صاحب، ابڙي صاحب ۽ نظاماڻي صاحب
> ڪجھه نوان ترجما ڪيا آهن. مان توهان سڀني کي عرض ڪندس ته انهن تي نظر وجھو، ڏسو
> ته اهي ڪينئن آهن، انهن کي اڃا بهتر ڪري سگھجي ٿو يا نه، وغيره. مثال طور ڪي
> بنيادي لفظ آهن جيڪي بار بار مختلف هنڌن تي ورجايا وڃن ٿا، جيئن سسٽم. هاڻي ان
> جي ترجمي لاءِ اسان وٽ مختلف رايا آهن. ڪي ان کي سرشتو، ته ڪي نظام ته ڪي خود
> انگريزي لفظ سسٽم کي ئي ان لاءِ موزون سمجھندا. پر جينئن ته هي هڪ بنيادي لفظ
> آهي جيڪو گھڻن ٻين هنڌن تي به استعمال ٿيندو، تنهن ڪري اهڙن لفظن جي ترجمي جي
> باري ۾ جيترو جلدي اتفاق راءِ ٿئي اوترو بهتر رهندو. اهڙي طرح ئي ٻيا لفظ آهن
> پروگرام، ڊسڪ، انسٽال وغيره. انسٽال لاءِ نثار ابڙي صاحب ترجمو تجويز ڪيو آهي
> ’ٿاڦيو‘، ان کان اڳ ۾ مون ڪٿي ان لاءِ ’تنسيب ڪيو‘ يا تنسيبيو‘ به پڙهيو هوم.
> ڪي دوست شايد انسٽال کي وڌيڪ موزون سمجھن. اسان کي ڪوشش ڪري سنڌي متبادل لفظ
> آڻڻ گھرجن پر اهي سولا ۽ عام فهم هجن ته بهتر رهندو. بهرحال، انهن بنيادي
> معاملن تي اسان کي هاڻي ئي گڏجي غور ڪرڻو پوندو.
>
> تنهنڪري مان توهان دوستن کي هڪ ڀيرو ٻيهر عرض ڪندس ته هن وقت تائين ٿيل ترجمن
> تي نظر ڦيرايو، انهن جي مناسب هجڻ جي باري ۾ غور ڪيو، جيڪڏهن ان ۾ بهتري جي
> صورت آهي ته اها تجويز ڪريو. ان طريقي سان توهان کي هن پراجيڪٽ جي باري ۾ آگاهي
> به ٿي ويندي ۽ هن شروعاتي مرحلي ۾ ئي اسان آئيندي لاءِ ڪجھه بنيادي اصول به طئي
> ڪرڻ ۾ ڪنهن حد تائين ڪاميابي حاصل ڪري وٺنداسي جيڪا اڳتي هلي ڪارآمد ثابت
> ٿيندي. اميد آهي ته منهنجي عرض تي توهان غور ڪندو ۽ پراجيڪٽ ۾ عملي طرح ٻانهن
> ٻيلي ٿيندو.
>
> آخر ۾ مان اهو چوندس ته مان عرساڻي صاحب، ابڙي صاحب ۽ نظاماڻي صاحب جو انهن
> تازن ترجمن ۽ تجويزن لاءِ ٿورائتو آهيان.‏
>
>
> Abdul-Majid Bhurgri
> www.bhurgri.com
>
> _______________________________________________
> Mailing list: https://launchpad.net/~ubuntu-l10n-sd
> Post to     : ubuntu-l10n-sd@xxxxxxxxxxxxxxxxxxx
> Unsubscribe : https://launchpad.net/~ubuntu-l10n-sd
> More help   : https://help.launchpad.net/ListHelp
>
>

Follow ups

References