← Back to team overview

ubuntu-l10n-sd team mailing list archive

Re: Recent Translations & Need for some Basic Groundwork

 

محترم دوستو

جيتوڻيڪ مون وٽ لفظ سرشتو جي حق ۾ ڪي دليل آهين، پر هن وقت هڪ مختصر گذارش ڪندس
ته آئون مهراڻ يونيورسٽيءَ ۾ پروفيسر آهيان ۽ ڪجھه عرصي کان ٽين سال جي شاگردن
کي هڪ مضمون سگنلس اينڊ سسٽمس پاڙهي رهيو آهيان.  آئون پنهنجي شاگردن کي ڪن
موضوعن تي سنڌيءَ ۾ مواد لکي ڏئي چڪو آهيان، جن ۾ مون سرشتي لاءِ لفظ سرشتو
ڪثرت سان استعمال ڪيو آهي. ان کان سواءِ وڪيپيڊيا تي مون ڪيترا ئي ترجما ڪيا
آهن، جن ۾ پڻ مون لفظ سرشتو ڪثرت سان استعمال ڪيو آهي. ان کان سواءِ عرض ڪندو
هلان ته سنڌي درسي ڪتابن ۾ پڻ لفظ سرشتي جو استعمال ٿي چڪو آهي.

هن وقت آئون انجنيئرڱ جي ساڳي مضمون يعني سگنلس اينڊ سسٽمس تي مڪمل سنڌي ڪتاب
لکي رهيو آهيان. باب پهريون ته ڪافي قدر لکجي چڪو آهيان.

ان ڪري منهنجي التجا آهي ته سسٽم جي جاءِ تي سرشتو ئي لکيو وڃي.  ان کان سواءِ
وڪيپيڊيا کي پڻ پنهنجو هڪ مڪمل سنڌي باهمرو يعني انٽرفيس آهي. آئون چاهيندس ته
پاڻ هڪجهڙائي يا ڪنسسٽنسيءَ خاطر ساڳيا اهي ئي لفظ استعمال ڪريون جيڪي وڪيپيڊيا
تي استعمال ٿيل آهن.

نيازمند

احسان احمد عرساڻي














2010/6/9 munwar soomro <munwarsoomro@xxxxxxxxx>

منهجو خيال آهي ته سسٽم جي لاءِ اهو ئي لفظ صحِيح آهي ڇوته ان جي پٺيان ڪافي
تاريخ ۽ سوچ آهي.
  پروگرام جي لاءِ جي لاءِ به اهو موزون ٿو لڳي ڇو ته سنڌي ۾ اڳ۾ ئي اهو هلي
پيو
ڊسڪ جي لاءِ جي لاءِ به ساڳئو لفظ مناسب لڳي ٿو
باقي انسٽال جي لاءِ  لڳايو ترجوم ٿي سگهي ٿو

2010/6/8 Abdul-Majid Bhurgri <majidbhurgri@xxxxxxxxx>

پوين چند ڏينهن ۾ اسان جي دوستن منجھان عرساڻي صاحب، ابڙي صاحب ۽ نظاماڻي صاحب
ڪجھه نوان ترجما ڪيا آهن. مان توهان سڀني کي عرض ڪندس ته انهن تي نظر وجھو، ڏسو
ته اهي ڪينئن آهن، انهن کي اڃا بهتر ڪري سگھجي ٿو يا نه، وغيره. مثال طور ڪي
بنيادي لفظ آهن جيڪي بار بار مختلف هنڌن تي ورجايا وڃن ٿا، جيئن سسٽم. هاڻي ان
جي ترجمي لاءِ اسان وٽ مختلف رايا آهن. ڪي ان کي سرشتو، ته ڪي نظام ته ڪي خود
انگريزي لفظ سسٽم کي ئي ان لاءِ موزون سمجھندا. پر جينئن ته هي هڪ بنيادي لفظ
آهي جيڪو گھڻن ٻين هنڌن تي به استعمال ٿيندو، تنهن ڪري اهڙن لفظن جي ترجمي جي
باري ۾ جيترو جلدي اتفاق راءِ ٿئي اوترو بهتر رهندو. اهڙي طرح ئي ٻيا لفظ آهن
پروگرام، ڊسڪ، انسٽال وغيره. انسٽال لاءِ نثار ابڙي صاحب ترجمو تجويز ڪيو آهي
’ٿاڦيو‘، ان کان اڳ ۾ مون ڪٿي ان لاءِ ’تنسيب ڪيو‘ يا تنسيبيو‘ به پڙهيو هوم.
ڪي دوست شايد انسٽال کي وڌيڪ موزون سمجھن. اسان کي ڪوشش ڪري سنڌي متبادل لفظ
آڻڻ گھرجن پر اهي سولا ۽ عام فهم هجن ته بهتر رهندو. بهرحال، انهن بنيادي
معاملن تي اسان کي هاڻي ئي گڏجي غور ڪرڻو پوندو.

تنهنڪري مان توهان دوستن کي هڪ ڀيرو ٻيهر عرض ڪندس ته هن وقت تائين ٿيل ترجمن
تي نظر ڦيرايو، انهن جي مناسب هجڻ جي باري ۾ غور ڪيو، جيڪڏهن ان ۾ بهتري جي
صورت آهي ته اها تجويز ڪريو. ان طريقي سان توهان کي هن پراجيڪٽ جي باري ۾ آگاهي
به ٿي ويندي ۽ هن شروعاتي مرحلي ۾ ئي اسان آئيندي لاءِ ڪجھه بنيادي اصول به طئي
ڪرڻ ۾ ڪنهن حد تائين ڪاميابي حاصل ڪري وٺنداسي جيڪا اڳتي هلي ڪارآمد ثابت
ٿيندي. اميد آهي ته منهنجي عرض تي توهان غور ڪندو ۽ پراجيڪٽ ۾ عملي طرح ٻانهن
ٻيلي ٿيندو.

آخر ۾ مان اهو چوندس ته مان عرساڻي صاحب، ابڙي صاحب ۽ نظاماڻي صاحب جو انهن
تازن ترجمن ۽ تجويزن لاءِ ٿورائتو آهيان.‏


Abdul-Majid Bhurgri
www.bhurgri.com

_______________________________________________
Mailing list: https://launchpad.net/~ubuntu-l10n-sd
Post to     : ubuntu-l10n-sd@xxxxxxxxxxxxxxxxxxx
Unsubscribe : https://launchpad.net/~ubuntu-l10n-sd
More help   : https://help.launchpad.net/ListHelp



_______________________________________________
Mailing list: https://launchpad.net/~ubuntu-l10n-sd
Post to     : ubuntu-l10n-sd@xxxxxxxxxxxxxxxxxxx
Unsubscribe : https://launchpad.net/~ubuntu-l10n-sd
More help   : https://help.launchpad.net/ListHelp

Follow ups

References