← Back to team overview

ubuntu-l10n-sd team mailing list archive

Re: Recent Translations & Need for some Basic Groundwork

 

پيارا دوستو،

اسان کي اڌ پڙهيل ماڻهن لاءِ نه، بلڪه سنڌي قوم جي مڪمل سائنسي تعليم لاءِ سوچڻ
گھرجي. جيتوڻيڪ ٻوليون ڌاريا لفظ اڌارينديو آهن، پر ان جو مطلب هرگز به ناهي ته
پنهنجي ٻوليءَ جي اڳي ئي مروج ۽ آسان لفظن کي صرف ان ڪري ڪڍي ڦٽو ڪريون جو اڻ
پڙهيل ماڻهو اهي لفظ سمجھي نه ٿا سگھن. اسان جي ماڻهن کي خام خيالي آهي ته ڪو
ميڊيڪل سائنس، فزڪس، رياضيات يا ايسٽراناميءَ ۾ مروج سمورا سائنسي اصطلاح عام
انگريز سمجھي سگھندا آهن. انگريزي سائنسي اصطلاح به ڪير تڏهن ئي سمجھي سگھندو
آهي جڏهن هو لاڳاپيل مضمون جو تمام گهرو مطالعو ڪندو آهي.

سسٽم لاءِ لفظ سرشتو استعمال ڪرڻ جو مطلب هرگز به ٺيٺ سنڌي ٿي ناهي. ڇاڪاڻ ته
خود سرشتو به ٺيـٺ سنڌي لفظ ناهي. مون سنڌيءَ ۾ ڪيترو ئي سائنسي مواد ترجمو ۽
تخليق ڪيو آهي. جتي مناسب لڳندو آهي، اتي ساڳيو انگريزي لفظ ئي رکي ڇڏيندو
آهيان، ڪٿي عربيءَ کان ورتل سنڌي لفظ، ڪٿي فارسيءَ کان ورتل سنڌي لفظ ته وري
ڪٿي ٺيٺ سنڌي لفظ مناسب ۽ بافهم لڳندو آهي. ڳالهه ٺيٺ يا غير ٺيٺ جي هرگز به
ناهي. ڳالهه آهي لسانياتي فصاحت جي. ڪهڙي بنيادي لفظ مان ٻيا ڊرائيو ٿيل لفظ
آسانيءَ سان جڙي سگھندا ۽ ڪهڙِ لفظ ۽ اظهاري قوت وڌيڪ هوندي. رڳو ايترو ڄاڻڻ ته
ٻوليون ڌاريا لفظ اڌارينديون آهن، اڌ علم آهي، جيڪو خطرناڪ به ٿي سگھي ٿو.

نيازمند

احسان احمد عرساڻي



2010/6/9 Asadullah Soomro <asadsumro@xxxxxxxxxxx>

 Dear Friends,

I am sorry to write in english as I will have to change language for writing
in Sindhi and I cannot do this as I am working with my official laptop (No
administrative rights).

Regarding translation of System as "SIRISHTO" is good idea, but here one
thing I would like to put into your kind notice that the evolution of a
language is a continuos process and subject to change with time and place.
With time it adopts and borrows words from other languages
which later becomes an integral part of any language.

Since our sole purpose is to help those Sindhis which are not good in
English and let them computer literate and make this system easy for them to
learn as they can adopt this for their normal life. Before translating
anything we need to survey common Sindhi people and know which words they
are most familiar with. As I believe we are more familiar with sytem rather
than Sirishto even in villages.

For translating computer terminology into Sindhi we need to be more careful
to choose words which are commonly used by everyone or atleast majority. If
we select the more pure Sindhi words for translation (THETH SINDHI WORDS)
then this would create a bit more difficulty for common people rather than
ease to understand the computer.

This is my assumption which could be wrong but atleast I have right to
express my views on this forum. I beg my pardon from those who have
some different views than my own.

Regards,
Asadullah Soomro

------------------------------
Date: Wed, 9 Jun 2010 12:42:40 +0500
From: aaursani@xxxxxxxxx
To: munwarsoomro@xxxxxxxxx
CC: ubuntu-l10n-sd@xxxxxxxxxxxxxxxxxxx
Subject: Re: [Ubuntu-l10n-sd] Recent Translations & Need for some Basic
Groundwork


 محترم دوستو

جيتوڻيڪ مون وٽ لفظ سرشتو جي حق ۾ ڪي دليل آهين، پر هن وقت هڪ مختصر گذارش ڪندس
ته آئون مهراڻ يونيورسٽيءَ ۾ پروفيسر آهيان ۽ ڪجھه عرصي کان ٽين سال جي شاگردن
کي هڪ مضمون سگنلس اينڊ سسٽمس پاڙهي رهيو آهيان.  آئون پنهنجي شاگردن کي ڪن
موضوعن تي سنڌيءَ ۾ مواد لکي ڏئي چڪو آهيان، جن ۾ مون سرشتي لاءِ لفظ سرشتو
ڪثرت سان استعمال ڪيو آهي. ان کان سواءِ وڪيپيڊيا تي مون ڪيترا ئي ترجما ڪيا
آهن، جن ۾ پڻ مون لفظ سرشتو ڪثرت سان استعمال ڪيو آهي. ان کان سواءِ عرض ڪندو
هلان ته سنڌي درسي ڪتابن ۾ پڻ لفظ سرشتي جو استعمال ٿي چڪو آهي.

هن وقت آئون انجنيئرڱ جي ساڳي مضمون يعني سگنلس اينڊ سسٽمس تي مڪمل سنڌي ڪتاب
لکي رهيو آهيان. باب پهريون ته ڪافي قدر لکجي چڪو آهيان.

ان ڪري منهنجي التجا آهي ته سسٽم جي جاءِ تي سرشتو ئي لکيو وڃي.  ان کان سواءِ
وڪيپيڊيا کي پڻ پنهنجو هڪ مڪمل سنڌي باهمرو يعني انٽرفيس آهي. آئون چاهيندس ته
پاڻ هڪجهڙائي يا ڪنسسٽنسيءَ خاطر ساڳيا اهي ئي لفظ استعمال ڪريون جيڪي وڪيپيڊيا
تي استعمال ٿيل آهن.

نيازمند

احسان احمد عرساڻي














2010/6/9 munwar soomro <munwarsoomro@xxxxxxxxx>

 منهجو خيال آهي ته سسٽم جي لاءِ اهو ئي لفظ صحِيح آهي ڇوته ان جي پٺيان ڪافي
تاريخ ۽ سوچ آهي.
  پروگرام جي لاءِ جي لاءِ به اهو موزون ٿو لڳي ڇو ته سنڌي ۾ اڳ۾ ئي اهو هلي
پيو
ڊسڪ جي لاءِ جي لاءِ به ساڳئو لفظ مناسب لڳي ٿو
باقي انسٽال جي لاءِ  لڳايو ترجوم ٿي سگهي ٿو

2010/6/8 Abdul-Majid Bhurgri <majidbhurgri@xxxxxxxxx>

  پوين چند ڏينهن ۾ اسان جي دوستن منجھان عرساڻي صاحب، ابڙي صاحب ۽ نظاماڻي
صاحب ڪجھه نوان ترجما ڪيا آهن. مان توهان سڀني کي عرض ڪندس ته انهن تي نظر
وجھو، ڏسو ته اهي ڪينئن آهن، انهن کي اڃا بهتر ڪري سگھجي ٿو يا نه، وغيره. مثال
طور ڪي بنيادي لفظ آهن جيڪي بار بار مختلف هنڌن تي ورجايا وڃن ٿا، جيئن سسٽم.
هاڻي ان جي ترجمي لاءِ اسان وٽ مختلف رايا آهن. ڪي ان کي سرشتو، ته ڪي نظام ته
ڪي خود انگريزي لفظ سسٽم کي ئي ان لاءِ موزون سمجھندا. پر جينئن ته هي هڪ
بنيادي لفظ آهي جيڪو گھڻن ٻين هنڌن تي به استعمال ٿيندو، تنهن ڪري اهڙن لفظن جي
ترجمي جي باري ۾ جيترو جلدي اتفاق راءِ ٿئي اوترو بهتر رهندو. اهڙي طرح ئي ٻيا
لفظ آهن پروگرام، ڊسڪ، انسٽال وغيره. انسٽال لاءِ نثار ابڙي صاحب ترجمو تجويز
ڪيو آهي ’ٿاڦيو‘، ان کان اڳ ۾ مون ڪٿي ان لاءِ ’تنسيب ڪيو‘ يا تنسيبيو‘ به
پڙهيو هوم. ڪي دوست شايد انسٽال کي وڌيڪ موزون سمجھن. اسان کي ڪوشش ڪري سنڌي
متبادل لفظ آڻڻ گھرجن پر اهي سولا ۽ عام فهم هجن ته بهتر رهندو. بهرحال، انهن
بنيادي معاملن تي اسان کي هاڻي ئي گڏجي غور ڪرڻو پوندو.

تنهنڪري مان توهان دوستن کي هڪ ڀيرو ٻيهر عرض ڪندس ته هن وقت تائين ٿيل ترجمن
تي نظر ڦيرايو، انهن جي مناسب هجڻ جي باري ۾ غور ڪيو، جيڪڏهن ان ۾ بهتري جي
صورت آهي ته اها تجويز ڪريو. ان طريقي سان توهان کي هن پراجيڪٽ جي باري ۾ آگاهي
به ٿي ويندي ۽ هن شروعاتي مرحلي ۾ ئي اسان آئيندي لاءِ ڪجھه بنيادي اصول به طئي
ڪرڻ ۾ ڪنهن حد تائين ڪاميابي حاصل ڪري وٺنداسي جيڪا اڳتي هلي ڪارآمد ثابت
ٿيندي. اميد آهي ته منهنجي عرض تي توهان غور ڪندو ۽ پراجيڪٽ ۾ عملي طرح ٻانهن
ٻيلي ٿيندو.

آخر ۾ مان اهو چوندس ته مان عرساڻي صاحب، ابڙي صاحب ۽ نظاماڻي صاحب جو انهن
تازن ترجمن ۽ تجويزن لاءِ ٿورائتو آهيان.‏


Abdul-Majid Bhurgri
www.bhurgri.com

_______________________________________________
Mailing list: https://launchpad.net/~ubuntu-l10n-sd
Post to     : ubuntu-l10n-sd@xxxxxxxxxxxxxxxxxxx
Unsubscribe : https://launchpad.net/~ubuntu-l10n-sd
More help   : https://help.launchpad.net/ListHelp



_______________________________________________
Mailing list: https://launchpad.net/~ubuntu-l10n-sd
Post to     : ubuntu-l10n-sd@xxxxxxxxxxxxxxxxxxx
Unsubscribe : https://launchpad.net/~ubuntu-l10n-sd
More help   : https://help.launchpad.net/ListHelp



------------------------------
Hotmail is redefining busy with tools for the New Busy. Get more from your
inbox. See how.<http://www.windowslive.com/campaign/thenewbusy?ocid=PID28326::T:WLMTAGL:ON:WL:en-US:WM_HMP:042010_2>

_______________________________________________
Mailing list: https://launchpad.net/~ubuntu-l10n-sd
Post to     : ubuntu-l10n-sd@xxxxxxxxxxxxxxxxxxx
Unsubscribe : https://launchpad.net/~ubuntu-l10n-sd
More help   : https://help.launchpad.net/ListHelp

References