← Back to team overview

ubuntu-l10n-sd team mailing list archive

Re: Common terms to be translated

 

نثار صاحب جي سوچ ساراه جوڳي آهي. اهو بلڪل درست آهي ت پاڻ کي ڏاڍو سوچ سمجھ سان وک وڌائڻ گهرجي ڇو جو  اسين سنڌي ڪمپيوٽر لغت جي بڻياد پيا وجهون. پر ساڳي وقت ان ڳالھ کي ب ڌيان ۾ رکڻ ضروري آهي ت پاڻ کي موجود وسيلن کي ڪتب آڻي ڪو ڪمائتوڪم ڪرڻو پوندو
 
ناڻو هٿ ڪرڻ ايترو ڏکيو ڪم ن هوندو جيترو ڏکيو ڪم اهڙا دوست ڳولھڻ هوندو جيڪي سنڌي ٻولي سان گڏوگڏ ڪمپيوٽر جي ڄاڻ ۾ ب سگھارا هجن. سلام ڀرڳڙي صاحب کي آهي جن جي ڪاوشن سان هي ڪم ڪافي اڳتي وڌي چڪو آهي. ٻين دوستن جي ٻولي ۾ ب ڪافي پختگي آهي جيڪي مون کي پڪ آهي ت اهي ان ڪم کي اڳتي وڌائي سگھن ٿا. بھتر اھو ئي ٿيندو ت سنڌي ٻولي جي عالمن کي ڳولھڻ سان گڏوگڏ اسين ان ڪم کي وت آھر اڳتي  وڌائيندا ھلون جيسين ڪي پروڙ ساٿي ساٿ ۾ شامل ٿين
 

Date: Thu, 10 Jun 2010 07:24:46 -0700
From: kanwalnisa@xxxxxxxxx
Subject: Re: [Ubuntu-l10n-sd] Common terms to be translated
To: asadsumro@xxxxxxxxxxx
CC: ubuntu-l10n-sd@xxxxxxxxxxxxxxxxxxx






سنڌ جا سڄڻ دوستو 

حق موجود؛ 

ماشاء الله، تمام سهڻو ڪم ٿئي پيو، هر دوست پنهنجي پنهنجي ڄاڻ  آهر سائين عبدالمجيد ڀرڳڙي صاحب جن جي ڏسيل ۽ عرض ڪيل راهه تي هلي پيو، قومي ڪم آهي ڪار خئير آهي جيترو ڪوئي ڪري سگهو اوترو ڀلو 

محبت پائي من ۾ رنڊا روڙيا جن 

تن جو صرافن اڻ توريو ئي اگهايو 

جيتوڻيڪ مون پڻ سائينءَ جن جي ڏسيل دڳ سان ٿورڙو هلڻ جي ڪوشش ڪئي پر ڪنهن ڪم سبب ۽ نوڪريءَ جي ضرورتن ۾  ڪجهه نه ڪري سگهيو آهيان 

  

مون جڏهن اها انبنتو (اڻ بڻتو) سائيٽ کولي ڄاڻايل صفحي تي پهتس جتي اسانکي ڪمپيوٽر سان لاڳاپيل ڪجهه لفظن ڪجهه مهاورن جي سنڌي ڪرڻي هئي ته حيرت ٿي ته ڪافي ڪم آهي، ۽ ڪهڙو ڪم آهي؟ 

  

مونکي جيڪا ڳالهه سمجهه ۾ آئي ته هن ڪم لئه سنڌي ٻوليءَ جي مڪمل ڄاڻ ۽ گڏوگڏ ڪمپيوٽر جي جسامت ۽ سرشتي جي مڪمل ڄاڻ پڻ هجڻ ضروري آهي ته جيئن ڪارائتو  ترجمو ٿي سگهي 

مثال؛ ڪمپيوٽر جي هارڊ ڊسڪ جو ترجمو ڪرڻو آهي ، انجي ترجمي ڪرڻ جو مطلب ته اهڙو لفظ ڳولهڻ جيڪو سنڌي ٻوليءَ جو لفظ هجي ۽ انجي بڻ يا بڻياد کي به پورو ڪندو هجي 

عربي ٻولي يا ٻيون ٻوليون جن وٽ لسانيات سگهاري آهي، اهي پڻ ڪمپيوٽر استعمال ڪنٿا ۽ انهن پڻ ڪمپيوٽر جا گهڻا سافٽ ويئر ترجمو ڪري پنهنجي ٻوليءَ ۾ رائج ڪري ڇڏيا آهن. انهن ڪوشش ڪئي آهي ته انگريزيءَ جا گهٽ کان گهٽ لفظ ڪتب آڻين ۽ ٻوليءَ جا نج  ۽ بڻيادي لفظ استعمال ڪن ته جيئن ٻولي ترقي به ڪري ۽ عام ماڻهون به ان ٻوليءَ تائين رسائي حاصل ڪري سگهي 

  

سنڌ سڄڻ دوستن کي ۽ سائينءَ ڀرڳڙيءَ صاحب کي عرض آهي ته هو هند سنڌ ۾ موجود سنڌي ٻوليءَ جي عالمن جون خدمتون حاصل ڪن ۽ ڪمپيوٽر جي ٽيڪنالاجيءَ ۾ مهارت وارا دوست گڏ ڪن. انهن جي باهمي ڪاوشن سان اهڙن لفظن جي چونڊ ڪن جيڪي نج سنڌي هجن يا وري نوان لفظ ايجاد ڪن ۽ تمام گهڻي مجبوري هجي ته انگريزي يا رائج لفظ استعمال ڪن ته جيئن مقصد پورو ٿي سگهي. ٻي صورت ۾ ته مختلف لهجن ۽ مختلف علائقن جا ، مختلف مذهبن سان تعلق رکندڙ دوست طرح طرح جا لفظ سامهون آڻيندا، پر ممڪن اصل اڃ لهي نه سگهي ۽ ڳالهه اگهامجي وڃي 

  

وري به اسين سڀ دوست سائين ڀرڳڙي صاحب سان گڏ آهيون هر حال ۾، جيتوڻيڪ ڪجهه لفظ ترجمو ڪري به وٺبا پر نه پاڻ مطمئن ٿينداسون نه ممڪن ٻيا دوست مطمئن ٿين. انڪري منهنجي صلاح آهي ته ڪجهه ناڻو هٿ ڪري، هند ۽ سنڌ مان ٻنهي ٻولي ۽ ڪمپيوٽر جي ماهر قسم جي ويهارو کن دوستن کي گڏ ڪري ٻن ٽن مهينن جي اندر اندر اهو ڪم ڪرائي سگهجي ٿو... ناڻو انڪري ٿو چوان ته ممڪن اهڙا دوست جيڪي ماهر ته هجن پر ان قابل نه هجن جو هو وقت ڏئي سگهن يا پنهنجي گهر جون ضرورتون ٻه ٽي مهينا قربان ڪري سگهن ته انهنکي پگهار ڏئي ڪم ڪرائي سگهجي 

وڌيڪ واڳ ڌڻيءَ جي وس آهي، جيئن دوست چوندا تيئن ڪبو، حال پريان نال ... 

سلامن ۽ دعائن ۾ گڏ 

نثار ابڙو 

مڪو پاڪ   



--- On Thu, 6/10/10, Asadullah Soomro <asadsumro@xxxxxxxxxxx> wrote:



From: Asadullah Soomro <asadsumro@xxxxxxxxxxx>
Subject: Re: [Ubuntu-l10n-sd] Common terms to be translated
To: ubuntu-l10n-sd@xxxxxxxxxxxxxxxxxxx
Date: Thursday, June 10, 2010, 4:27 PM





محترم نظاماڻي صاحب
  

آءُ اوهان جي راءِ کان سهمت آهيان. ڪجھ ڪاوش مون پاران 

  

Copy = اتاريو يا نقل
Cursor/Pointer = اشارو 
Document =دستاويز
Format =سنواريو يا تهايو
Keyboard =ڪيبورڊ
Mouse =هٿيو
Option =طريقو يا نمونو
Options = طريقا يا نمونا
Session =سيشن يا عرصو
Text = لکت
User = يوزر يا واپرائيندڙ
Version = جلد
Web = ويب 

  

والسلام
اسد سومرو
  
> Date: Thu, 10 Jun 2010 11:28:26 +0200
> From: abdulrahimnizamani@xxxxxxxxxxx
> To: ubuntu-l10n-sd@xxxxxxxxxxxxxxxxxxx
> Subject: [Ubuntu-l10n-sd] Common terms to be translated
> 
> السلام عليڪم
> 
> پيارا سنڌي دوستو، اُبنٽو کي سنڌيڪاريندي مون هيٺيون عام استعمال ٿيندڙ 
> اصطلاحون هڪ هنڌ جمع ڪيون آهن، ۽ گڏ انهن جو ترجمو پڻ ڏئي رهيو آهيان. اهي 
> ترجما منهنجي ناقص ذهن مطابق آهن، ان ڪري آئون چاهيندس ته سڀئي دوست ان 
> سلسلي ۾ پنهنجا رايا ڏين ته جيئن انهن کي وڌيڪ بهتر بنائي سگهجي. هي الفاظ 
> مون تڪڙ ۾ ترجمو ڪيا آهن، ۽ سمجهان ٿو ته شايد ان لسٽ مان ڪافي لفظ صحيح 
> ترجمو نه ٿيا هوندا. تنهنڪري اوهان دوست هن لسٽ کي بهتر کان بهتر بنائڻ لاءِ 
> پنهنجا ترجما موڪليو ته جيئن ان کي فائنل ڪري سگهجي. انشاء الله ڪجھ وقت ۾ 
> هن گروپ لاءِ هڪ ويبسائٽ يا فورم تيار ڪيو ويندو جنهن تي اهي الفاظ توڙي ٻيا 
> الفاظ سانڍيا ويندا.
> 
> Application/Applications = پروگرام
> Command = ڪمانڊ يا حڪم
> Computer = ڪمپيوٽر
> Copy = اُتاريو
> Cursor/Pointer = ?
> Custom (as in custom format)
> Cut = کڻو
> Default = ڊيفالٽ
> Desktop = ڊيسڪٽاپ
> Disabled = غير فعال
> Document = ?
> Edit = سنواريو يا سنوار
> Email = ايميل
> Enabled = فعال
> File = فائل
> Format = ?
> Hardware = هارڊويئر
> Icon = نشان
> Internet = انٽرنيٽ
> Keyboard = ?
> List = لسٽ
> Mail = ايميل
> Mouse = ?
> Option = ?
> Options = ?
> Panel = ? (پٽو يا چائنٺ)
> Paste = لاهيو
> Path = واٽ
> Preferences = ترجيحون
> Program/Programs = پروگرام
> Save = سانڍيو
> Save As = هينئن سانڍيو
> Select = چونڊيو (as in selecting text)
> Select = چونڊيو(as in selecting an option)
> Session = سيشن
> Settings = ترتيبون
> Software = سافٽويئر
> Text = ?
> Tools = اوزار
> User = ?
> Version = ورشن
> Web/www = ڄار
> Login = داخل ٿيو
> Logout = خارج ٿيو
> 
> 
> عبدالرحيم نظاماڻي
> 
> 
> _______________________________________________
> Mailing list: https://launchpad.net/~ubuntu-l10n-sd
> Post to : ubuntu-l10n-sd@xxxxxxxxxxxxxxxxxxx
> Unsubscribe : https://launchpad.net/~ubuntu-l10n-sd
> More help : https://help.launchpad.net/ListHelp



Hotmail is redefining busy with tools for the New Busy. Get more from your inbox. See how. 

-----Inline Attachment Follows-----


_______________________________________________
Mailing list: https://launchpad.net/~ubuntu-l10n-sd
Post to     : ubuntu-l10n-sd@xxxxxxxxxxxxxxxxxxx
Unsubscribe : https://launchpad.net/~ubuntu-l10n-sd
More help   : https://help.launchpad.net/ListHelp

 		 	   		  
_________________________________________________________________
The New Busy is not the too busy. Combine all your e-mail accounts with Hotmail.
http://www.windowslive.com/campaign/thenewbusy?tile=multiaccount&ocid=PID28326::T:WLMTAGL:ON:WL:en-US:WM_HMP:042010_4

References