← Back to team overview

ubuntu-l10n-sd team mailing list archive

Re: Common terms to be translated

 

سائين نظاماڻي صاحب، مڙئي دوستو، اسلام عليڪم

سائين انهن اصطلاحن جي متعلق ڪجھه آئون به عرض ڪندس. سڀ کان پهرين معذرت سان
اهو عرض ڪندس ته لفظ اصطلاح مذڪر آهي، ان ڪري ان جو جمع اصطلاحون نه ٿيندو.
آئون ڪيترا ئي سنڌي سائنسي اصطلاح جوڙي ۽ ڇپائي چڪو آهيان. ان ڪري پنهنجي تجربي
پٽاندر پنهنجي ڀاڱيداري (ڪنٽريبيوشن) نڀائيندو رهندس.

لفظ ڪمپيوٽر جو سنڌي لفظ ڳڻپيوڪر آهي، جيڪو سنڌ حڪومت جي ڇپايل ڪتابن ۾ پڻ
استعمال ٿي چڪو آهي. اسان سنڌي ذريعه تدريس اسڪول هلائي رهيا آهيون. جنهن لاءِ
اسان ڳڻپيوڪر جا ڪتاب پڻ سنڌيءَ ۾ تيار ڪيا آهن. تن ۾ پڻ اسان لفظ ڳڻپيوڪر ئي
استعمال ڪيو آهي. سنڌي وڪيپيڊيا تي پڻ لفظ ڳڻپيوڪر ئي استعمال ٿي چڪو آهي. ان
ڪري منهنجي صلاح آهي ته ڪمپيوٽر بدران لفظ ڳڻپيوڪر استعمال ڪيو وڃي.

ان کان سواءِ سواءِ لفظ هارڊويئر عام انگريزيءَ جو لفظ آهي. اهو لفظ ڳڻپيوڪر
سائنس جو ناهي. ڳڻپيوڪر سائنس جو مخصوص مڪمل اصطلاح ڳڻپيوڪر هارڊويئر آهي، جنهن
کي سنڌيءَ ۾ ”ڳڻپيوگري“ چوڻ مناسب رهندو. ڇاڪاڻ ته هارڊويئر جو سنڌي لفظ سامگري
آهي ۽ ڳڻپيوڪر سامگريءَ جو مخفف ڳڻپيوگري مناسب رهندو.

سافٽويئر جو لفظ به آئون جوڙي ۽ استعمال ڪري چڪو آهيان. ”منطقگري“. اهو لفظ
آئون تڏهن جوڙي سگھيس جڏهن مون فرانسيسي ٻولي سکي. لفظ منطقگري در اصل مون
فرانسيسي لفظ ”لاجسيئل“ جو ترجمو ڪري جوڙيو آهي. ان لفظ جي پويان منطق اهو آهي
ته سمورا ڳڻپيوڪر سٽاوَ يعني ڪمپيوٽر پروگرامس يا انسٽرڪشنس منطق  (لاجڪ) تي
ٻڌل هونديون آهن.

پينل جو درست ۽ مروج سنڌي لفظ ”پَٽُ“ آهي.

ڊيسڪ ٽاپ جو درست لفظ ”ميز ڀر“ آهي. ليپ ٽاپ جو لفظ ”جوٽَ ڀر“ ۽ پام ٽاپ جو لفظ
”تِرِيءَ ڀر“ آهي.

لفظ نيٽورڪ لاءِ آئون ”ڄارڪو“ ڪيترا ئي ڀيرا لکي چڪو آهيان. باقي ويب جو سنڌي
لفظ اڃا ڪڏهن به ڪو نه لکيو اٿم.

پرفرنس جو به لفظ وڪيپيڊيا تي ”ترجيحات“ استعمال ٿي چڪو آهي.

انگريزي لفظ پروگرام لاءِ ته سنڌيءَ ۾ ”سِٽاءُ“ استعمال ٿيندو رهيو آهي، باقي
ايپليڪيشن کي ڇا چئجي، ان تي ڪو نه سچيو اٿم.

اي ميل لفظ اڪيلو ناهي. ڪيترا ئي لفظ آهن جن ۾ اِي اڳياڙي يعني پريفڪس استعمال
ٿئي ٿي.
جهڙوڪ ”اِي گورنمينٽ“، ”اِي نيوز“، ”اِي ڪامرس“ وغيره وغيره. ان ڪري اسان اي
ميل کي ساديءَ ريت اي ميل نٿا لکي سگھون. ”اِي“ پريفڪس جي درست سنڌي اڳياڙي
”برق“ آهي. مطلب ته اي ميل جو سنڌي لفظ ”برق ٽپال“ ٿيندو.  ساڳيءَ ريت
اليڪٽرانڪس جو لفظ برقيات آهي ۽ اليڪٽرانڪ جو لفظ برقياتِي آهي.
”اليڪٽروميگنيٽڪ“ جو سنڌي لفظ ”برق مقناطي“ ٿيندو. ميگنيٽڪس جو سنڌي لفظ
”مقناطيات“ آهي.

ٻيا لفظ ٻي ڀيري عرض ڪندس.

نيازمند
احسان





















2010/6/10 Abdul Rahim Nizamani <abdulrahimnizamani@xxxxxxxxxxx>

> السلام عليڪم
>
> پيارا سنڌي دوستو، اُبنٽو کي سنڌيڪاريندي مون هيٺيون عام استعمال ٿيندڙ
> اصطلاحون هڪ هنڌ جمع ڪيون آهن، ۽ گڏ انهن جو ترجمو پڻ ڏئي رهيو آهيان. اهي
> ترجما منهنجي ناقص ذهن مطابق آهن، ان ڪري آئون چاهيندس ته سڀئي دوست ان سلسلي ۾
> پنهنجا رايا ڏين ته جيئن انهن کي وڌيڪ بهتر بنائي سگهجي. هي الفاظ مون تڪڙ ۾
> ترجمو ڪيا آهن، ۽ سمجهان ٿو ته شايد ان لسٽ مان ڪافي لفظ صحيح ترجمو نه ٿيا
> هوندا. تنهنڪري اوهان دوست هن لسٽ کي بهتر کان بهتر بنائڻ لاءِ پنهنجا ترجما
> موڪليو ته جيئن ان کي فائنل ڪري سگهجي. انشاء الله ڪجھ وقت ۾ هن گروپ لاءِ هڪ
> ويبسائٽ يا فورم تيار ڪيو ويندو جنهن تي اهي الفاظ توڙي ٻيا الفاظ سانڍيا
> ويندا.
>
> Application/Applications = پروگرام
> Command = ڪمانڊ يا حڪم
> Computer = ڪمپيوٽر
> Copy = اُتاريو
> Cursor/Pointer = ?
>
> Custom (as in custom format)
> Cut = کڻو
> Default = ڊيفالٽ
> Desktop = ڊيسڪٽاپ
> Disabled = غير فعال
> Document = ?
> Edit = سنواريو يا سنوار
> Email = ايميل
> Enabled = فعال
> File = فائل
> Format = ?
> Hardware = هارڊويئر
> Icon = نشان
> Internet = انٽرنيٽ
> Keyboard = ?
> List = لسٽ
> Mail = ايميل
> Mouse = ?
> Option = ?
> Options = ?
> Panel = ? (پٽو يا چائنٺ)
> Paste = لاهيو
> Path = واٽ
>
> Preferences = ترجيحون
> Program/Programs = پروگرام
> Save = سانڍيو
> Save As = هينئن سانڍيو
> Select = چونڊيو (as in selecting text)
> Select = چونڊيو(as in selecting an option)
> Session = سيشن
> Settings = ترتيبون
> Software = سافٽويئر
> Text = ?
> Tools = اوزار
> User = ?
> Version = ورشن
>
> Web/www = ڄار
> Login = داخل ٿيو
> Logout = خارج ٿيو
>
>
> عبدالرحيم نظاماڻي
>
>
>
> _______________________________________________
> Mailing list: https://launchpad.net/~ubuntu-l10n-sd
> Post to     : ubuntu-l10n-sd@xxxxxxxxxxxxxxxxxxx
> Unsubscribe : https://launchpad.net/~ubuntu-l10n-sd
> More help   : https://help.launchpad.net/ListHelp
>

References