← Back to team overview

ubuntu-l10n-sd team mailing list archive

Re: Let us get going

 

سائين ڀرڳڙِ صاحب،

گوگل ڊاڪ واري توهان جي آئيڊيا تمام گھڻي وڻي.  توهان جي ٻين به سڀني خيالن سان
آئون سَو سيڪڙو متفق آهيان.

نيازمند احسان




2010/6/10 Abdul-Majid Bhurgri <majidbhurgri@xxxxxxxxx>

مان به سائين منور سومري جي صلاح سان متفق آهيان پر اهو تڏهن ممڪن ٿي سگھي ٿو
جڏهن لسٽ هڪ هنڌ پئي هجي يا موجود هجي. ان لاءِ وري ڪنهن قسم جو سيٽ اپ کپي
جيڪو في الوقت مهيا ڪونهي. مون وٽ هڪڙي تجويز آهي جيڪا هاڻي هي لکندي منهنجي
ذهن ۾ آئي جنهن کي توهان سڀ آزمائي ۽ ان جي مناسب هجڻ جي باري ۾ غور ڪيو ۽
پنهنجي راءِ ڏيو ته پوءِ ان کي استعمال ڪري سگھجي ٿو.

اهو آهي گوگل ڊاڪس کي استعمال ڪرڻ، جتي اها لسٽ موجود هجي ءِ هر دوست پنهنجو
ڪيل ترجمو هڪ ڪالم ۾ لکندو وڃي، يا ٿيل ترجمن مان ئي ڪو لکي پنهنجي ان سان
اتفاق راءِ جو اظهار ڪري.‏ مون نظاماڻي صاحب جي موڪليل لسٽ جا انگريزي لفظ هڪڙي
ڪالم ۾ ۽ سندس تجويز ڪيل ترجمو ٻئي ڪالم ۾ لکي اهڙي اسپريڊ شيٽ ٺاهي آهي جنهن
کي توهان نظر مان ڪڍو ۽ ڏسو ته اها ان ڪم لاءِ مناسب ۽ موزون آهي يا نه. ان
لاءِ هيٺين لنڪ تي وڃو:
گوگل ڊاڪ جي لنڪ<http://spreadsheets.google.com/ccc?key=0AmVJ9H9KEom1dDJ2Um9tNUxJTWpFQ3RmNUl3MDZlQmc&hl=en>

مان هن موقعي تي هڪ ٻه بيا خيال به اوهان دوستن سان ونڊڻ چاهيندس. توهان سڀني
جي پارٽيسپيشن ۽ خيالن جي ڏي وٺ به ازحد ممنون آهيان.

اسان کي هي به ذهن ۾ رکڻ گھرجي ته اهو سنڌي سسٽم هڪ مجبوري نه هجي. يعني اهو
صرف انهن لاءِ نه هجي جيڪي انگريزي کان نابلد آهن، بلڪ ان کي انگريزي جي ڄاڻ
رکندڙ سنڌي به استعمال ڪندي سؤلائي ۽ خوشي محسوس ڪن. اسان ان کي ترجمو ڪندي
ڪندي اهڙن استعمال ڪندڙن لاءِ ترجمي کي ايترو اوپرو ۽ اؤکو به نه بڻائي ڇڏيون
جو هو ان کي استعمال ڪرڻ جو سوچين به نه. مثال طور ڀارت ۾ ڪجهه عرصو اڳ
فائرفاڪس برائوزر جو سنڌي ترجمو ڪيو ويو هو. مون اهو ڊائونلوڊ ڪري استعمال ڪرڻ
جي ڪوشش ڪئي ته مون کي محسوس ٿيو ته ان کي سمجھڻ ۽ استعمال ڪرڻ اڻانگو هو.
نتيجو اهو ٿيو جو مون ان کي استعمال ڪرڻ ئي ڇڏي ڏنو.

هتي هڪ تمام اهم پهلو آهي جنهن ڏانهن مان توهان سڀني جي هن ابتدائي مرحلي ۾
ڌيان ڇڪائڻ چاهيان ٿو.

اهو هي آهي ته ڪمپيوٽر سائنس ۽ ڪمپيوٽر يوزر انٽرفيس ۾ فرق آهي. ڪنهن به سائنس
يا علم جي پنهنجي هڪ ٽيڪنيڪل ووڪيبيولري يا لغت هوندي آهي، چاهي پوءِ اهو علم
قانون هجي، علم طب هجي، جاگرافي هجي، علم لسانيات هجي، يا ڪمپيوٽر سائنس هجي.
ان علم يا سائنس جا ماهر ۽ طالب ان مقصد لاءِ پنهنجو وقت ڏيندا آهن، ان جي پوري
طرح ڄاڻ حاصل ڪندا آهن جو ان کان بنان علم جي ترقي، تعليم ۽ ترويج ممڪن ڪانهي.

پر ڪمپيوٽر يوزر انٽرفيس ٻي شئي آهي. عام ڪمپيوٽر استعمال ڪندڙ نه ڪمپيوٽر
سائنٽسٽ آهي، نه ڪمپيوٽر ماهر آهي ۽ نه ئي ڪمپيوٽر سائنس جو شاگرد آهي. هن لاءِ
ايترو وقت ڪڍڻ به مشڪل آهي جو هو ڪمپيوٽر يا آپريٽنگ سسٽم جو مينيوئل پڙهي. اها
ڳالهه سڀني کان اڳ ۾ ايپل ڪمپيوٽر وارن سمجھي ۽ انهن هڪ فرئينڊلي يوزر انٽرفيس
ٺاهيو جيڪو اڳتي هلي پرسنل ڪمپيوٽنگ جو معيار بڻجي ويو. ڊائريڪٽري ۽ سب
ڊائريڪٽري جي جاءِ تي فولڊر جهڙي عام فهم لفظ جو استعمال ان جو هڪ مثال آهي.

ڪمپيوٽر سائنس جي لفظن ۽ محاورن جي ترتيب ڏيڻ هڪڙي ڳالهه آهي، جنهن جي اهميت
پنهنجي جاءِ تي مسلّم آهي، پر عام استعمال ڪندڙن لاءِ يوزر انٽرفيس ٺاهڻ مهل
اهو مقصد سامهون رکڻو پوندو ته اهو اهڙي طرح ترتيب ڏجي جو وڌ ۾ وڌ استعمال ڪندڙ
ان جو وڌ ۾ وڌ استعمال ڪن. اوهان سڀ دوست هن لطيف فرق تي ٿورو غور ڪيو ۽ ان کي
نظر ۾ رکو. ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته عرساڻي صاحب جهڙا قابل قدر استاد ۽ ماهر علم
ڪمپيوٽر سان لاڳاپيل لفظن جي لغت مرتب ڪرڻ لاءِ اسان سڀني ۾ وڌيڪ اهل آهن. سندن
ترجمي جي اهليت انٽرفيس جي ترجمي باهمرو مان ئي ظاهر آهي جنهن کي پڙهي سچ ته
لطف آيو، پر مون کي يقين آهي ته هو به ان مان واقف آهن ته ٽيڪنيڪل لغت هڪ شئي
آهي ۽ يوزر انٽرفيس ٻي، جنهن جو عام فهم ۽ استعمال لاءِ سؤلو هجڻ اڻ ٽر گھرجون
آهن.

اسان جو مقصد هجڻ گھرجي اهڙو يوزر انٽرفيس جنهن کي صرف سنڌي جي ڄاڻ رکندڙ کان
علاوه هاڻوڪا اسان جهڙا انگريزي سسٽم استعمال ڪندڙ به بخوشي استعمال ڪرڻ چاهين
۽ بآساني استعمال ڪري سگھن.

هاڻي ٿورو مان ان بابت به عرض ڪيان ته اسان پيسن ذريعي مدد هن پراجيڪٽ لاءِ
حاصل نه ڪنداسي جنهن جو بنياد ئي اوپن سورس ۽ پنهنجي مدد پاڻ تي آهي. ابڙي صاحب
جي ڳالهه ۾ وزن آهي، منطقي آهي، پر هن پراجيڪٽ ۾ جيڪو پنهنجي وت ۽ وقت آهر مدد
ڪري اها ڪافي آهي. اميد اٿم ته سنڌي جي حب رکندڙ عالم ۽ ماهر پاڻ هن ڪم ۾ شامل
ٿيندا. عرساڻي صاحب جهڙا قابل ۽ ڄاڻو استاد، نظاماڻي صاحب جهڙا جذبو ۽ همت
رکندڙ نوجوان ڪمپيوٽر انجنيئر به ڏسو ته اسان سان هن ڪم ۾ هٿ همراهي آهن نه.
انشاالله جينئن هن پراجيڪٽ جي سُڌ ٻين قابل سنڌي دوستن کي پئي ته اهي به، جي
سنڌي لاءِ ڪم ڪرڻ جو جذبو ۽ وقت اٿن ته شامل ٿيندا ۽ وڃي پار لڳنداسين.

‏
My last submission: Take this project seriously, but please do not take it
too seriously. Let us keep everything in its proper place. Let us not be
over sensitive about anything. Let us do it with pleasure, joy and
lightheartedly. We are trying to set up and make a Sindhi user interface for
a computer OS, we are not drafting constitution of a country, or
interpreting religious scriptures or defining laws. Let each of us try to
carry this out in that light, but by no means casual or uninterested manner.


I also request all members to briefly introduce themselves, tell us about
their background, what computer OS they use, so that we all know each other
as a team and can divide work, if need be, as per our fields of interest and
expertise.

With best wishes for you all,

Abdul-Majid Bhurgri
www.bhurgri.com


------------------------------
*From:* munwar soomro <munwarsoomro@xxxxxxxxx>
*To:* ubuntu-l10n-sd@xxxxxxxxxxxxxxxxxxx
*Sent:* Thu, June 10, 2010 9:22:59 AM
*Subject:* Re: [Ubuntu-l10n-sd] Let us get going

منهنجو خيال آهي ته هرڪوئي انگريزي لفظ جي سامهون پنهنجو سنڌي ترجمو لکندو وڃ
بجاءِ الڳ الڳ ڪاپي موڪلڻ جي. ان سان اها سهولت ٿيندي ته آخر ۾ سڀ لفظ ڏسي پوءِ
جيڪو وڌيڪ مناسب لڳي اهو چونڊجي. هونءَ نه ته هر ماڻهو جي الڳ الڳ ميل ڏسڻي
پوندي

On Thu, Jun 10, 2010 at 11:15 AM, shahnawaz memon <snmemon@xxxxxxxxx> wrote:

*سلام سنگت،*
*جهڙو حال سو حاظر،*
**
**
*Application/Applications = پروگرام
Command = لکڻي
Computer = ڪمپيوٽر
Copy = نقل
Cursor/Pointer =ڏَسڻي
Custom (as in custom format)
Cut = ختم
Default = عا م
Desktop = سامهون
Disabled = غير فعال.
Document =داڪيومنٽ
Edit = تبديل
Email _ خط،تار
Enabled = .ڪم جو ،فعال
File = فائل
Format =سينگارڻ
Hardware =هاردوئير
Icon = نشان
Internet = انٽرنيٽ
Keyboard =اڪرن وارو
List = فهرست
Mail _ خط
Mouse = هٿيو
Option = موڪيا
Options = موڪيا
Panel = هصو
Paste = دهرائڻ
Path = ..طرف ،رستو
Preferences = ترجيحون
Program/Programs = پروگرام
Save = ،سانڍيو
Save As = هينئن سانڍيو،وري سانڌڻ
Select = چونڊيو (as in selecting text)
Select = چونڊيو(as in selecting an option)
Session = سيشن،رک
Settings = ترتيبون
Software = سافٽويئر
Text = لفظ
Tools = اوزار
User = هلائيندڙ
Version = ته
Web/www = ڄار
Login = داخل ٿيو
Logout = خارج ٿيو


 *
  *On 6/8/10, Abdul-Majid Bhurgri <majidbhurgri@xxxxxxxxx> wrote:*

 *Dear friends,

If you go to the link

**https://translations.launchpad.net/ubuntu/lucid/+lang/sd/*<https://translations.launchpad.net/ubuntu/lucid/+lang/sd/>

*you will see that in all there are 1276 templates which need to be
translated. These templates contain words, phrases and strings which total
330,720. So far about 900 of these have been translated which makes a little
less than 0.3% of the whole.

I don't need to point out that it is not merely a numbers game. We need
quality as much, or even more than the quantity. We have to strive and make
translations that are accurate, precise, clear and fluid. This can be
achieved when we coordinate the effort. Some of us may be better at giving
initial suggestions, some may be better at improvising. Each of us has to
hone his ability to make maximum contribution. It is the final result that
counts and we are after.

We also want the experts of language and computer technology aboard the
team. While it is important to have fluid and functional translations, we
must also guard against too much nit-picking in this regard which will again
hamper the progress towards achievement of the objective. Let us also not
hesitate in getting and using, where feasible, benefit and clues from
efforts made by others for their languages such as Urdu, Farsi, Arabic and
Hindi.

You can go to this page

**https://translations.launchpad.net/ubuntu/*<https://translations.launchpad.net/ubuntu/>

*and then click on All Languages to view what others are doing and where
their efforts stand. For example, you can see that Pashto team, which has
only 11 members has already translated 16,000 words/strings while Urdu team,
despite more than 100 members has translated less than half as many words.

I again request you all for coordination and peseverance, which are keys to
success in this kind of effort.

With all the best wishes,
*
*Abdul-Majid Bhurgri

*
 *_______________________________________________
Mailing list: **https://launchpad.net/~ubuntu-l10n-sd*<https://launchpad.net/%7Eubuntu-l10n-sd>
*Post to     : **ubuntu-l10n-sd@xxxxxxxxxxxxxxxxxxx*<ubuntu-l10n-sd@xxxxxxxxxxxxxxxxxxx>
*Unsubscribe : **https://launchpad.net/~ubuntu-l10n-sd*<https://launchpad.net/%7Eubuntu-l10n-sd>
*More help   : **https://help.launchpad.net/ListHelp*<https://help.launchpad.net/ListHelp>




*--
Shahnawaz
MIS/Graphics
NRSP
Institute Of Rural Management,
House # A-51, Sindh University Housing Society, Phase 2 ,Jamshoro ,
Hyderabad.Sindh
*
_______________________________________________
Mailing list: https://launchpad.net/~ubuntu-l10n-sd<https://launchpad.net/%7Eubuntu-l10n-sd>
Post to     : ubuntu-l10n-sd@xxxxxxxxxxxxxxxxxxx
Unsubscribe : https://launchpad.net/~ubuntu-l10n-sd<https://launchpad.net/%7Eubuntu-l10n-sd>
More help   : https://help.launchpad.net/ListHelp




_______________________________________________
Mailing list: https://launchpad.net/~ubuntu-l10n-sd
Post to     : ubuntu-l10n-sd@xxxxxxxxxxxxxxxxxxx
Unsubscribe : https://launchpad.net/~ubuntu-l10n-sd
More help   : https://help.launchpad.net/ListHelp

References